راجو سيد:

راجو سيد: تحفته الڪرام ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي ڄاڻائي ٿو ته: ”اُچ جي سيدن مان سيد راجو بن سيد حامد الحسين البخاري هڪ وڏو عالم، فاضل، همت ۽ ڪرامت جو صاحب هو. سندس وڏا بخارا کان هندستان آيا هئا. هن بلوچن جي هڪ وڏي جماعت کي مريد بڻايو هو. هي هڪ دفعي همايون بادشاهه سان ملاقات ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. بادشاهه کي خبر پئي ته سيد راجو جي استقبال جو ارادو ڪيائين، پر سيد جي پهچڻ تي مخدوم الملڪ ملا عبدالله لاهوريءَ بادشاهه کي چيو ته: ”هي سيد رافضي آهي. هن جو استقبال دين جي بي حرمتي آهي.“ اهو ٻڌي بادشاهه همايون استقبال جو ارادو ترڪ ڪري پنهنجي پاران جلال الدين محمد اڪبر ۽ بيرم خان کي سيد راجو جي استقبال لاءِ موڪليو ۽ پاڻ معذرت ڪيائين. تقريباً انهيءَ ڏينهن لاهور جي حاڪم مير حاجي سيستاني، ملا عبدالله کي قيد ڪيو. ملا عبدالله لاهوريءَ پنهنجي آزاديءَ جي دعا گھرڻ لاءِ سلطان پور ۾ رهندڙ شيخ عزيز الله عباسي ملتانيءَ ڏانهن خط لکيو. روايت موجب شيخ عزيز الله کي دعا گھرندي اک لڳي وئي، خواب ۾ ڏٺائين ته سيد راجو، سرور ڪائنات حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي محفل ۾ ويٺو آهي، شيخ عزيز، سرور ڪائنات صلي الله عليه وسلم جن کي عرض ڪيو ته: آقا! ملا عبدالله، حضور صلي الله عليه وسلم جن جو مداحي آهي. سندس قيد مان آزاديءَ ڏانهن توجهه فرمايو. سرور ڪائنات، سيد ڏانهن ڏسي فرمايو ته: ”منهنجو پٽ ملان جي هٿان رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي.“ شيخ عزيز ملا ڏانهن حقيقت لکي موڪلي، جنهن تي هن توبهه/ استغفار ڏئي ڪري سيد کي راضي ڪيو. (تحفة الڪرام، ص: 260)


هن صفحي کي شيئر ڪريو